تعلقي سامارو جي واحد هائير سيڪينڊري اسڪول جي بحالي لاءِ احتجاجي ريلي

سامارو (ڌيان طلب)ساماري شھر جي واحد ھائرسيڪينڊري اسڪول مان ٽيچينگ اسٽاف جون پوسٽون ختم سوين شاگرد رلي ويا
شاگردن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو احتجاج ريلي ڌرڻو روڊ بلاڪ

سامارو شھر جي واحد ھائرسيڪنڊري اسڪول مان تعليم خاتي پاران ٽيچينگ اسٽاف جون پوسٽون ختم ڪيون ويون آھن جنھنڪري سوين شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي جنھن جي خلاف سامارو ھائرسيڪينڊري اسڪول جي سوين شاگردن ۽ شھرين پاران شنڪر پرمار عرفان ڌونڪائي ساگر ميگواڙ گووند ڪولھي بابو لال مالھي وڪيش ڪمار راجيش چوڌري جيپال چوڌري مھيش ڪمار مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھائر سيڪينڊري اسڪول کان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو شاھ لطيف چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻا ھنيا ان موقعي تي شاگردن سياسي سماجي ڌرين چيو ت سامارو شھر تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ جي حلقي جو سڀ کان وڏو شھر آھي جتي شاگردن جي لا واحد ھائر سيڪينڍري اسڪول آھي جتي سوين تعليم پراين ٿا ھتي ڪوب ڪالج ن آھي تنھن باوجود تعليم خاتي ھائر سيڪينڍري اسڪول کي ختم ڪري سوين شاگردن جي تعليم کي تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي ھي اسڪول 1995 ۾ قائم ٿي ھئي جنھن ۾ سوين غريب شاگرد تعليم پرائي رھيا آھن اسڪون ۾ ٽيچنگ اسٽاف جون پوسٽون ختم ٿيڻ سان سوين شاگردن کي ڏورانھن علائقن ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ تعليم لا وڃڻو پوندو ۽ سوين شاگرد غربت سبب تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويندا ھنن چيو ت سائين سردار علي شاھ خدارا اسان جي اسڪول کي بحال ڪريو ۽ غريب شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ڏيو ھنن چتا ڏنو ت اسان جي اسڪول بحال ن ٿي ت ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو
روزاني ڌيان طلب سامارو

Leave A Reply

Your email address will not be published.