نوجوان راڳي ضامن علي فريال ٽالپر سان گڏ ايڊٽ ڪري تصويرون رکندڙن خلاف FIA کي درخواست ڏئي ڇڏي

نوجوان راڳي ضامن علي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان  ڪوڙو افيئر ڳنڍڻ تي شڪايت کڻي ايف آءِ اي وٽ پهچي ويو آهي. ضامن علي چيو آهي ته ادي فريال ٽالپر سان گڏ به منهنجون تصويرون فيس بڪ تي رکيون ويون آهن جيڪي ايڊٽ ٿيل آهن، بدنام ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب نوجوان راڳي ضامن علي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مختلف ماڻهن پاران سندس پ پ جي هڪ سگهاري شخصيت سان افيئر ڳنڍڻ ۽ مبينا طور ٻنهي جون تصويرون رکڻ واري معاملي کانپوءِ درخواست کڻي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم شعبي وٽ پهتو آهي. پنهنجي درخواست ۾ هن ڄاڻايو ته سندس خلاف ڪجهه نامعلوم ماڻهو فيس بڪ تي ايڊٽ ڪيل تصويرون شيئر ڪن ٿا ۽ تصويرن جي هيٺان غلط ميسيج به لکن ٿا جنهن سبب آئون ۽ منهنجا گهر وارا سخت پريشان آهيون، آئون گلوڪار آهيان، فوري طور تي منهنجي درخواست تي ڪارروائي ڪري هن معاملي مان جان ڇڏائي وڃي ۽ گڏوگڏ اهو به معلوم ڪيو وڃي ته اهي تصويرون ۽ مواد ڪير ٿو اپلوڊ ڪري، هن ڇيو ته منهنجو ڪو به تعلق ڪونهي ادي فريال سان ۽ نه ئي آئون ڪڏهن ٽي ايم او رهيو آهيان.

Leave A Reply

Your email address will not be published.