کنڀجي ويل 2 مختيارڪار بازياب ٿي گهر پهچي ويا

ميرپور ماٿيلو ۽ خانڳڙهه جا کنڀجي ويل 2 مختيارڪار بازياب ٿي گهر پهچي ويا. گذريل ڏينهن اڻڄاتل ماڻهو ميرپور ماٿيلو جي مختيارڪار غلام حيدر ڪلهوڙو کي سندس آفيس مان کنڀي ويا، جڏهن ته خانڳڙهه جي مختيارڪار ياسين شيخ کي پنو عاقل ڀرسان ڀيلار واري علائقي مان کنڀيو ويو. اهڙو ڪيس ميرپور ماٿيلو ۽ سانگي ٿاڻن تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته ٻنهي مختيارڪارن جي کنڀجڻ کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي جي روينيو ملازمن احتجاج ڪري بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ قومي شاهراهه تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو هو.
رات دير سان ٻئي مختيار بازياب ٿي پنهنجي پنهنجي گهر پهچي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميرپور ماٿيلو جي مختيارڪار غلام حيدر ڪلهوڙو کي سندس ڳوٺ ڀرسان ڇڏيو ويو، جڏهن ته اڻڄاتل ماڻهو خانڳڙهه جي مختيارڪار ياسين شيخ کي پنو عاقل ڀرسان سندس ئي ڳوٺ وٽ ڇڏي ويا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.