383‬ استادن کي ترقيون

ڪراچي (ڌيان طلب) سنڌ حڪومت پاران اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سنڌي لئنگويج ٽيچرس کي ڊپارٽمينٽ پروموشن ڪاميٽي (ڊي پي سي) جي منظور کانپوءِ 17 گريڊ ۾ ترقيون ڏنيون ويون آهن، ڪراچي، مٽياري، گهوٽڪي، سکر، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، خيرپور، سجاول، بدين، ٺٽو سميت ٻين ضلعن جي ترقيون ماڻيندڙ ميل/ في ميل ٽيچرس کي مٿئين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ بابت اسڪول ايجوڪيشن ۽ ليٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو . جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 383‬ استادن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.