سيف هميشه پنهنجي قابل ۽ محنتي شاگردن جي حوصلا افزائي ڪندي رهي آهي. ايم ڊي

ايس اِي ايف جي ڏورانهي علائقي جي اسڪول جي قابل شاگردياڻي لاءِ مڃتا واري تقريب

ڪراچي: سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اِي ايف) هميشه جيان پنهنجي قابل ۽ محنتي شاگردن جي رهنمائي سان گڏ سندن حوصلا افزائي ڪندي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ بدين ضلعي جي ڏوراهي علائقي ۾ قائم ڪيل ايس ايم ايڇ ايس پي جي شراڪتدار رام ڪولهي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندڙ 9 درجي جي شاگردياڻي افسرا پتافي جي حوصلا افزئي ۽ سندس صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن ان پُٺتي پيل علائقي جي ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين تي مثبت اثر جڙي سگهن ۽ پڻ شاگردن جي حوصلا افزائي ٿئي. مڃتا ڏيڻ جي هڪ تقريب جو انعقاد سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي هيڊ آفيس ۾ ڪيو ويو اُن تقريب جو مهمان خصوصي فائونڊيشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالڪبير قاضي هو.

هن تقريب ۾ 9 درجي جي شاگردياڻي افسرا پتافيءَ کي سندس قابليت ۽ ملٽي ٽيلينٽ تي کيس ساراهيو ويو. افسره پتافي پنهنجي محنت سان پاڻکي هميشه مڃرايو ۽ هُنَ هر ڪلاس ۾ بهترين نمبر کڻي نمايا رهڻ جي ريت قائم ڪئي آهي، افسرا جو والد جيڪو پڻ انهي اسڪول ۾ بطور استاد طور ٻارن کي پڙهائي رهيو آهي پاڻ فنون لطيفه سان وابسطگي رکي ٿو پاڻ شاعر پڻ آهي هن اسڪول لاءِ ڪيترائي گيت لکيا جنهن ۾ سندس هڪ گيت” اسان جا وڏڙا ڏکيا پڙهيا پر احسان اسان تي ٿيو آ ايس اِي ايف وارن اسڪول کوليو آ“ پڻ افسره ڳايو ان کانسواءِ هڪ ٻيو گيت ”سنڌ نه ڏيسون“ پڻ ڳائي تمام گهڻي داد حاصل ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالڪبير قاضي چيو ته فائونڊيشن پنهنجون روايتون قائم رکڻ گهري ٿي ان ئي سلسلي ۾ فائونڊيشن اُنهن ذهين ۽ قابليت رکندڙ ٻارن کي هميشه همٿايو آهي جن پان هر فيلڊ ۾ مڃرايو آهي، هُن چيو ته اسانجي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻار جيتوڻيڪ گهڻين سهولتن کان محروم آهن پر اُنهن جي ذهني ۽ شعوري اُڏام ٻين کان گهٽ ڪونهي، اهو سمورو ڪردار فائونيشن جي اسڪول جي ڪلچر جو آهي جنهن ۾ ٻارن جي ذهني نشلونما ٿئي ٿي، هُن وڌيڪ چيو ته اسان هر ممڪن ڪوشس ڪريون پيا ته فائونڊيشن جي اسڪولن جو معيار اڃان به بهتر ۽ سُڌريل مُلڪن جي تعليمي معيار جهڙو بڻجي.

جڏهن ته تقريب جي آخر ۾ افسرا پتافي کي ڏهه هزار رپين جو انعام ۽ قابليت جو سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو ويو، جڏهن ته ان تقريب ۾ شاگردياڻي افسرا جي والدين سان گڏ فائونڊيشن جي سينيئر مئنيجمينٽ جنهن ۾ فنانس، آڊٽ ۽ اڪائونٽس جو ڊائريڪٽر سعيد احمد شيخ، ڊائريڪٽر HR, GA&C نسيم الدين ميراڻي، ايڪٽنگ ڊائريڪٽر ٽريننگ اينڊ ايسيسمينٽ، شهپارا رضوي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن نثار ٻانڀڻ، SMHSP جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ناهيد عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

Leave A Reply

Your email address will not be published.