آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ٽائونٽن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي 17هين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ٽائونٽن ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي ٽيم 49 اوورن ۾ 307 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

ڊيوڊ وارنر 107 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان ايرون فنچ 82 رنسن سان ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو، اوپنرن طرفان 146 رنسن جي شاندار شروعات فراهم ڪرڻ باوجود آسٽريلوي ٽيم وڏو ٽوٽل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ شروعاتي بيٽسمينن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪو به ڪينگروز بيٽسمين پاڪستاني بالرن جو ڄمي مقابلو نه ڪري سگهيو. اسٽيون سمٿ 10، گلين ميڪسويل 20، شان مارش 23، عثمان خواجا 18، ايليڪس ڪيري 20 رنسون ٺاهي سگهيو.

پاڪستان طرفان محمد عامر بهترين بالنگ ڪرائيندي 10 اوورن ۾ رڳو 30 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 2، حسن علي، وهاب رياض ۽ محمد حفيظ هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 45.4 اوورن ۾ 266 رنسن تي گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ بيٽسمينن فاسٽ بالر محمد عامر جي ڪيريئر بيسٽ بالنگ تي پاڻي هاري ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.