ملڪ جي سمورن ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي ايڊميشن بورڊ انٽري ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي سمورن ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج جي داخلا ٽيسٽ 25 آگسٽ 2019 تي ٿيندي.

پي ايم ڊي سي جي ايڊميشن بورڊ گذريل ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيز جي نائب چانسلرز کي دعوت ڏني وئي هئي.

پي ايم ڊي سي ترجمان موجب پهريون ڀيرو سڄي پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن 25 آگسٽ تي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي ويندي

Leave A Reply

Your email address will not be published.