اميتاب بچن جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ، وزير اعظم عمران خان جي تصوير لڳائي ڇڏي
بالي وڊ جو ميگا اسٽار اميتاب بچن جو آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪرز پاران هيڪ ڪري ان جي پروفائيل تصوير تي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي تصوير لڳائي ڇڏي.
بگ بي جي اڪائونٽ مان پاڪستان ۽ ترڪي جي جهنڊن واريون پوسٽون پڻ ڪيون ويون آهن.
ٻن ڪلاڪن تائين اڪائونٽ هيڪ رهڻ بعد انتظاميه جي طرفان ٻيهر بحال ڪيو ويو ۽ ٽوئيٽس به هٽايون ويون