ڪنري: عيد جي موڪلن تي آيل فوجي جوان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل

ڪنري: عيد جي موڪلن تي آيل فوجي جوان ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل

ڪنري (ڌيان طلب)  ڀٽائي ڪالوني واسي فوجي جوان محمد آصف ولد اصغر آرائين کي منھن ۾ ڳولي ھڻي مارڻ بعد لاش کي ڳوٺ محمد شريف آرائين ۾ زمين اندر پوري مٿان بھ اڇلائي دفن ڪيو ويو. نوجوان گھر نه پھچڻ تي ٻئي ڏينھن ڀاءُ اويس گمشدگي جي درخواست ڪنري ٿاڻي تي ڏني، پوليس شڪ جي بنياد تي خالد آرائين ۽ سندس پُٽ کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي ته جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو ته غيرت جي نالي تي آصف کي قتل ڪري لاش کي زمين ۾ پوريو. پوليس جوابدارن جي نشاندهي تي لاش زمين مان ڪڍي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو. اويس ڌيان طلب سان ڳالهائيندي چيو ته آصف حاضر سروس فوجي ھو جيڪو عيد جي موڪلن تي ڳوٺ آيل ھو. پوليس موجب مقتول جو جوابدارن جي ڇوڪري سان چڪر ھلندڙ ھو مقتول جي گھر وارن ڇوڪري جو رشتو به گھريو ھو پر ڇوڪري جي والدين رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڇوڪري جو رشتو ٻئي پاسي ڏئي ڇڏيو پر مقتول ڇوڪري جو پاسو نه ڇڏيو ۽ ان جي مڙس کي پاڻ ساڻ نڪتل تصويرون ڏيکاري ڇوڪري جي مڱڻي ختم ڪرائي ڇڏي ڇوڪري جي ڀائرن کي جڏھن معاملي جي ڄاڻ پئي ته ھنن بھاني سان ڳوٺ کڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو

Leave A Reply

Your email address will not be published.