سنڌ پوليس ۾ بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي/سکر (رپورٽ: ڌيان طلب) سنڌ پوليس ۾ بدليون ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ جي منظوريءَ سان جاري ٿيل نوٽفڪيشن موجب ايس ايس پي ڏکڻ ڪراچي پير محمد شاهه کي بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايس ايس پي شيراز نذير کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي جاچ ملير ڊاڪٽر فرخ ملڪ کي بدلي ڪري ايس ايس پي دادو مقرر ڪيو ويو، جتان وري ايس ايس پي حيدر رضا کي بدلي ڪري ايس ايس پي جاچ ملير مقرر ڪيو ويو

Leave A Reply

Your email address will not be published.