ڊپٽي اسپيڪر طرفان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پ پ ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ

اسلام آباد (رپورٽ: ڌيان طلب) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر طرفان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پ پ ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ ڪيو. ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ريلوي واري وفاقي وزير خورشيد شاهه کي خطاب ڪرڻ جو چيو ته پيپلز پارٽي جي ميمبرز احتجاج ڪيو، پ پ ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ۽ پهرين بلاول کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏين لاءِ گوڙ ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو ته يخ رشيد جي وضاحت ٻڌڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو کي خطاب جو موقعو ڏنو ويندو، شيخ رشيد رڳو 2 مينٽ خطاب ڪندو. پ پ اڳواڻن احتجاج ختم نه ڪيو ۽ گوڙ جاري رکيو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڇا توهان اجلاس ملتوي ڪرڻ گهرو ٿا، اسپيڪر تي دٻاءُ نٿو وجهي سگهجي ۽ آئون دٻاءُ ۾ اچي ڪارروائي نه هلائيندس. شيخ رشيد خطاب شروع ڪيو ته گوڙ وڌي ويو، جنهن تي شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن مون کي خطاب ڪرڻ نه ڏنو ويو ته آئون به ڪنهن کي ڳالهائڻ نه ڏيندس.

Leave A Reply

Your email address will not be published.