پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ دنگل تيز برسات سبب رولڙي جو شڪار 

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ دنگل تيز برسات سبب رولڙي جو شڪار

برسٽل (ڌيان طلب رانديون) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع جي مقابلن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ دنگل تيز برسات سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو. برسٽل جي ڪائونٽي گرائونڊ تي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽئمن وچ ۾ ڪرڪيٽ جو اهم مقابلو پاڪستاني وقت موجب اڍائي وڳي رٿيل هو. برسٽل ۾ برسات سبب ٻنهي ٽيمن جي مئچ شروع نه ٿي سگهي ۽ ٽاس به ناهي ٿي، جڏهن ته انتظاميا گرائونڊ تي پِچ کي ڪور سان ڍڪي ڇڏيو آهي.  جيڪڏهن برسات هجڻ جي صورت ۾ مئچ نٿي ٿئي ته ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.