بليڪ ميلر گروپ جو مقصد نيب چيئرمين جي ساک کي مجروح ڪرڻ آهي. نيب ترجمان

ڪراچي (ڌيان طلب نيوز) نيب نجي ٽي وي نيوز ون تي نيب چيئرمين چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي حوالي سان نشر ٿيندڙ خبر جي سختي سان ترديد ڪندي ان کي حقيقتن جي ابتڙ، ڪوڙي ۽ پروپيگنڊا قرار، نيب ترجمان چيو  ته هي هڪ بليڪ ميلرز جو گروپ آهي، جيڪو چاهي ٿو ته نيب چيئرمين چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ساک کي مجروح ڪجي. نيب ترجمان موجب نيب سموري دٻاءُ ۽ بليڪ ميلنگ کي پوئتي رکندي ان بليڪ ميلر گروهه جي ٻن ماڻهن کي نه صرف گرفتار ڪيو پر ريفرنس جي به منظوري ڏني. گروپ خلاف ملڪ جي مختلف حصن ۾ 42 ايف آءِ ار داخل آهن جن ۾ بليڪ ميلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا، عوام کي وڏي پيماني تي لٽڻ، نيب ۽ ايف آءِ اي جا جعلي آفيسر بڻجي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ڪروڙين روپيا لٽڻ جا ثبوت نيب وٽ موجود آهن. نيب موجب هاڻوڪي خبر به بليڪ ميلنگ ڪري نيب جي ريفرنس کان فرار ٿيڻ جو رستو آهي. ان ذڪر ڪيل بليڪ ميلنگ گروپ جو سربراهه فاروق هن وقت ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد آهي. ٻئي طرف نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، پنهنجي مقصد تي بيٺو رهندس ۽ احتساب جو عمل جاري رهندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.