راج ببر، اُرميلا مٽونڊڪر، شتروگن سنها، هيما مالني ۽ سمريتي ايراني اليڪشن کٽي ويا

ئين دهلي (ڌيان طلب رپورٽ) ڀارت ۾ لوڪ سڀا اليڪشن ۾ اداڪار ميدان ماري ويا.  لوڪ سڀا جي 542 سيٽن جي لاءِ 7 مرحلن ۾ ٿيندڙ  لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڀارتي  اداڪارن، سياسي شخصيتن کان علاوه ، اسپورٽس ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارن شخصيتن به اليڪشن ۾ حصو ورتو، اداڪاره ارميلا، انڊين نيشنل ڪانگريس جي پليٽ فارم تان شمالي ممبئي کان چونڊ ۾ حصو ۽ ڀارتيه جتان پارٽي جي مخالف اميدوار کي شڪست ڏئي لوڪ سڀا جي لاءِ سيٽ کٽي ورتي، اداڪار شترو گن سنها ڪانگرس جي ٽڪيٽ تي ضلع پٽنا صاحب کان اليڪشن وڙهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، اداڪاره هيما مالني اتر پرديش جي شهر متهورا کان ڀارتيه جتنا پارٽي جي اميدوار هئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، اداڪار راج ببر  ڪانگريس جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، اڳوڻي ٽي وي اداڪاره  سمريتي ايراني هڪ ڀيرو ٻيهر بي جي پي جي ٽڪيٽ تان چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ڀارتي مذهبي اسڪالر اسد الدين اويسي آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جماعت جو اميدوار آهي ۽ هُن حيدرآباد جي تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کان علاوه سني ديول، ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گمبهير ۽ اڳوڻي آرمي چيف وي ڪي سگنهه به بي جي پي جي اميدوار جي طور تي چونڊن ۾ هصو ورتو ۽ مخالف اميدوارن کان اڳتي آهن ، جنهن جا حتمي نتيجا اچڻ باقي آهن. بي جي پي هينئر تائين ٻين پارٽين کان اڳيان آهي، ڀارت ۾ ايندڙ حڪومت مودي جي ٿيئڻ جا پڪا امڪان آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.