انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه 152 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) . اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ ٻه رپين کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه 152 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر ٻن رپين جي اضافي کانپوءِ 153 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته صورتحال اها آهي ته مارڪيٽ ۾ ڪو به ڊالر وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.  چئن ڏينهن دوران رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر 10 رپين جي لڳ ڀڳ مهانگو ٿيو آهي جنهن سبب پاڪستان تي پرڏيهي قرضن ۾ هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.