وفاقي وزير ۽ اڳوڻو وڏو وزير سردار علي محمد مهر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

هوٽڪي (ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير ۽ اڳوڻو وڏو وزير سردار علي محمد مهر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

سردار علي محمد مهر سينيئر سياستدان هو ۽ 2002ع کان 2004 تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو.

سندس خانداني ذريعن تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته علي محمد مهر خانپور ۾ پنهنجي رهائشگاهه ۾ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو آهي.

علي محمد مهر 2018ع جي چونڊن ۾ اين اي 205 تان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ بعد

پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

Leave A Reply

Your email address will not be published.