انيلا پرمار خودڪشي ڪيس: مک جوابدار گرفتار

 

ٽنڊو غلام علي ( ڌيان طلب رپورٽ) سوشل ميڊيا تي بيلڪ ميل ڪرڻ کان تنگ ٿي ناري جي آپگهات ڪرڻ کان پوءِ  پوليس نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سوم پرڪاش پاڻ گرفتاري ڏني آهي، هڪ ڏينهن اڳ هن پنهنجي وڊيو بيان ۾ پڻ گرفتاري ڏيڻ جو چيو هو.

. ناري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته 18 مئي جي رات منھنجي ڌيءَ زھريلي دوا پي ڇڏي جنھن کي بچائڻ لاءِ آئون حيدرآباد سول اسپتال کانپوءِ آغا خان ڪراچي کڻي ويس پر ڌيءَ بچي نه سگھي ۽ فوت ٿي وئي. پر آخر وقت ۾ انيلا ٽنهي جوابدارن جا نالا ٻڌايا.

پوليس موجب ايف آر ۾ سوم چند کي مک جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين ٻن جوابدارن مهيش ۽ اشوڪ جي گرفتاري لاءِ  ڇاپا هنيا پيا وڃن

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.