فيس بڪ ۽ واٽزاپ تي بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي نياڻي خود ڪشي ڪري ڇڏي ,ملوث جوابدارن خلاف، سياسي سماجي ڌرين پاران ڪاروائي جو مطالبو.

فيس بڪ ۽ واٽزاپ تي بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي نياڻي خود ڪشي ڪري ڇڏي ,ملوث جوابدارن خلاف، سياسي سماجي ڌرين پاران ڪاروائي جو مطالبو.

ٽنڊوغلام علي وارڊ پنجين ميگھواڙ محلي ۾ انٽر جي ارڙھن سالن جي شاگردياڻي انيلا ڌيء ڊاڪٽر لکمڻ پرمار فيس بڪ ۽ واٽس اپ تي بليڪ ميل ڪندڙ نوجوانن کان تنگ ٿي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي ناري جي ڀائرن گيان چند ۽ وجي پرمار صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڀيڻ جو فيس بڪ تي کٿڙ جي رھندڙ نوجوان سوم مينگھواڙ سان رابطو ٿيو جنھن ڀيڻ جا فوٽو ڪڍي واٽس اپ انھن کي ايڊٽ ڪري پاڻ سان گڏ ويھاري ٻيھر واٽس اپ ذريعي ڀيڻ ڏانھن موڪلي ان کي بليڪ ميل ڪندا ھئا ۽ ھر مھيني 50 ھزار ڀيڻ کان فوٽو ڊليٽ ڪرڻ جا وٺندو ھو ھنن چيو ته اسانجي ڀيڻ جي اڏيرو لعل ۾ مهيش ميگھواڙ سان مڱڻي ڪرائي ته ان جو بليڪ ميلر فون نمبر ھٿ ڪري اسانجي ڀيڻ جا فوٽو پاڻ سان گڏ کڻي اتان به مڱڻي ٽوڙائي جنھن کانپوء مھيش پڻ سوم سان ملي انيلا کي بليڪ ميل ڪرڻ لڳا ته تنھنجي ھاڻي ڪٿي به شادي ڪرڻ نه ڌينداسين اھڙي قسم جا ميسيج ۽ اسان جي ڀيڻ جا مختلف ايڊٽنگ فوٽو ٺاھي واپس منھنجي ڀيڻ ڏانھن موڪلي ذھني ٽارچر ڪندا رھيا ڪجھ ڏينھن اڳ منھنجي ڀيڻ جي مڱڻي ٽنڊوآلھيار جي رھندڙ اشوڪ مگھواڙ سان ٿي مڱڻي جي رسمن دوران بليڪ ميلرن فوٽو اشوڪ ڏانھن موڪليا جنھن تي اشوڪ مڱڻي اڌ ۾ ڇڏي واپس ھليو ويو ۽ منھنجي ڀيڻ کي اذيت ڏيندڙ ميسيج ڪرڻ لڳو جنھن تي تنگ ٿي اسانجي ڀيڻ گذريل ڏينھن زھريلي دوا پي ڇڏي جنھن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال پھچايو ويو جتي ھو ھن دنيا مان موڪلائي وئي ۽ اسان لاء لکت ۾ ھڪ چٺي ڇڏي وئي آھي جنھن ٽنھي جوابدارن جا نالا لکيل آھين ۽ بليڪ ميلر پاران نيٽ تي فوٽو رکڻ ڪري آئون خود ڪشي ڪري رھي آھيان اھڙي چٺي کانپوء نآري جي پيء ڊاڪٽر لکمڻ ايس ايس پي بدين کي بليڪ ميلرن خلاف درخواست ڏني جنھن ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف سائبر ڪرائم جو ڪيس داخل ڪيو وڃي جنھن تي ٽنڊوغلام علي پوليس کٿر ۽ ٽنڊوالھيار ۾ جوابدارن جي گھرن تي ڇاپا ھنيا پر جوابدار فرار ٿي ويا آھن

Leave A Reply

Your email address will not be published.