عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  عالمي ڪپ لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر انضمام الحق عالمي ڪپ لاءِ حتمي ٽيم جو اعلان ڪيو، پريس ڪانفرنس ڪندي انضمام الحق چيو ته ٽيم ٽي تبديليون ڪيون ويون آهن. عالمي ڪپ اسڪواڊ مان فهيم اشرف، جنيد خان ۽ عابد علي کي ٻاهر ڪيو ويو آهي.  سندن جاءِ  شاداب خان، وهاب رياض ۽ محمد عامر جي واپسي ٿي آهي.

ٽيم جو اعلان ڪندي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته ڊاڪٽر شاداب خان کي ڪليئر قرار ڏنو آهي،  هو هاڻ مڪمل طور فٽ آهي. عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر فهيم اشرف جي جڳهه تي وهاب رياض کي شامل ڪيو ويو آهي.

انضمام الحق چيو ته وهاب رياض سينيئر ۽ تجربيڪار بالر آهي.

عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد ڪپتان، بابر اعظم،  امام الحق، فخر زمان،  محمد حيفظ، حارث سهيل، شعيب ملڪ، آصف علي، عماد وسيم، محمد عامر، وهاب رياض، شاداب خان، حسن علي، محمد حسنين ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.