سنڌ اسيمبلي ميمبرن پاران مخالف ڌر جي احتجاج باوجود سنڌ اسيمبلي پوليس آرڊر 2002 بحال ڪرڻ جو بل .منظور ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ميمبرن پاران مخالف ڌر جي احتجاج باوجود سنڌ اسيمبلي پوليس آرڊر 2002 بحال ڪرڻ جو بل .منظور ڪري ورتو، مخالف ڌر پاران ايوان مان واڪ آئوٽ .

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت وزير مڪيش ڪمار چاولا طرفان پيش ڪيل بل جي منظوري جو عمل شروع ٿيو ته اپوزيشن ان قانون خلاف احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري وئي.

اپوزيشن ميمبرن پوليس آرڊر 2002 بحالي بل خلاف احتجاج ڪندي ايوان ۾ نعريبازي ڪئي ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي ايم ميمبرن اسپيڪر ڊائس سامهون احتجاج ڪيو ۽ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم ڌرڻو هنيو، جنهن کانپوءِ اپوزيشن ميمبر اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ سنڌ حڪومت بل منظور ڪري ورتو ۽ پوليس آرڊر 2002 جي بحالي وارو بل هاڻ منظوري لاءِ گورنر ڏانهن موڪليو ويندو.

مڪيش ڪمار چيو ته اپوزيشن سان صلاح مشوري کانپوءِ بل پيش ڪيو، ان باوجود بائيڪاٽ ڪيو ويو، اصل ۾ اهي ماڻهو ڀَڄڻ چاهين ٿا. شهريار مهر چيو ته پوليس ايڪٽ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، مان حڪومت کي مبارڪ ڏيان ٿو ته اڄ هڪ آمر جو قانون بحال ڪيو ويو. فردوس شميم نقوي چيو ته هيءَ جمهوريت نه ڊڪٽيٽر شپ آهي، نيب زده اسپيڪر کي شرم نٿو اچي، اسيمبلي قاعدن ۽ ضابطن بنا هلائي پئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.