ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري

 

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪيو ويندو.  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ايمنسٽي اسڪيم تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڪابينا اتفاق راءِ سان اسڪيم جي منظوري ڏني.   ذريعن موجب پاڪستان ۾ رهندڙ 4 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري اثاثا ظاهر ڪري سگهن ٿا، پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهو به 6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري سگهن ٿا.  نيوز .موجب ايمنسٽي اسڪيم 30 جون 2019ع تائين ختم ٿي ويندي جنهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.